بدھ , دسمبر 4 2019
Home / شھر قائد / سرڪاري زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ: نيب قائم علي شاهه کي بي قصور قرار ڏئي ڇڏيو

سرڪاري زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ: نيب قائم علي شاهه کي بي قصور قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي: (اڱارو 03  سيپٽمبر 2019ع) نيب ملير ندي واري سرڪاري زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ بابت ڪيس ۾ اڳوڻي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي بي قصور قرار ڏئي ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه جي خلاف ملير ندي جي سرڪاري زمين غيرقانوني طور تي الاٽ ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر موقف اختيار ڪيو ته اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه جي خلاف  ڪي به شاهديون ناهن مليون ان لاءِ ان جي خلاف ملير ندي ۾ غيرقانوني الاٽمينٽ جي جاچ ختم ڪئي وڃي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب جي بيان کان پوءِ قائم علي شاهه جي خلاف جاچ جي درخواست اُڪلائيندي ان جي ضمانت جا مچلڪا واپس ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت حڪم ڏنو ته نيب پهريان جاچ مڪمل ڪري ان کان پوءِ ماڻهن کي گرفتار ڪري.

Check Also

ايندڙ چوويهه ڪلاڪن دوران ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جو امڪان

اسلام آباد: (اربع 28 آگسٽ 2019ع) ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے