منگل , دسمبر 3 2019
Home / خبرون / دادو قتل ڪيس: عدالت قبرڪشائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو

دادو قتل ڪيس: عدالت قبرڪشائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو

دادو: (اڱارو 03 ڊسمبر 2019ع)عدالت دادو ۾ مبينه طور تي غيرت جي نالي تي سنگسار ڪيل گل سمان رند جي قبر ڪشائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

تفصيل موجب جوڊيشل مئجسٽريٽ ڇوڪري جي قبرڪشائي جو حڪم ڏيندي صحت کاتي کي 19 ڏينهن ۾ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ  جو به حڪم ڏنو آهي. جڏهن ته پوليس پيءُ جي گرفتاري کان پوءِ ڇوڪريءَ جي ماءُ کي به  جاچ ۾ شامل ڪري ورتو آهي.

واضح رهي ته دادو جي علائقي ڪاڇي ۾ 21 نومبر تي مبينه طور تي ڪاروڪاري جي الزام ۾ 10 ساله معصوم ٻارڙي کي پٿر هڻي بيدردي سان قتل ڪرڻ جو واقعو سامهون آيو هو جڏهن ته علائقي ۾ به ٻارڙي کي ڪاروڪاري جي الزام ۾ سنگسار ڪري قتل ڪرڻ جي حوالي سان خبرون سامهون آيون.

جاچ شروع ٿيڻ کان پوءِ  جنازي نماز پڙهائيندڙ مولوي مقامي صحافين ۽ پوليس وٽ  پهچي ٻارڙي کي قتل جو انڪشاف ڪيو. جنهن تي ايف آءِ آر درج ڪئي وئي. ايف آءِ آر موجب ٻن مائٽن ۽ چار نامعلوم ماڻهن ڇوڪريءَ کي هڪ سازش تحت پٿر هڻي قتل ڪيو جڏهن ته ڇوڪري جي والدين جو موقف آهي ته هو جابلو علائقي ۾ رهندا آهن جتي مٿان کان پٿر ڪريو جيڪو ڇوڪري کي لڳو جنهن  سبب هو فوت ٿي وئي.

Check Also

چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد: (اڱارو 03 ڊسمبر 2019ع) چيف اليڪشن ڪمشنر ۽  ميمبرن جي مقرري  جي معاملي  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے