منگل , دسمبر 3 2019
Home / عالمي / جڪارتا ۾ صدارتي محل ويجهو ڌماڪو، فوجي اهلڪار زخمي

جڪارتا ۾ صدارتي محل ويجهو ڌماڪو، فوجي اهلڪار زخمي

جڪارته: (اڱارو 03 ڊسمبر 2019ع) انڊونيشيا جي گادي واري شهر جڪارته ۾ صدارتي محل جي ويجهو ڌماڪو ٿيو آهي جنهن سبب 2 فوجي اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن.

شروعاتي ڄاڻ موجب نامعلوم ماڻهن طرفان هينڊ گرنيڊ اڇليو ويو آهي پر ان وقت انڊونيشين صدر محل ۾ موجود نه هو. زخمي فوجي اهلڪان کي شروعاتي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته علائقي ۾ هنگامي حالت  لاڳو ڪئي وئي آهي.

پوليس شهر جا سمورا رستا بند ڪري ڇڏيا آهن ۽ سرچ آپريشن جاري آهي. جڪارته جي ملٽري چيف واقعي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته زخمي  ٿيندڙ فوجي صبح جي وقت ورزش ڪري رهيا هئا.

مقامي ذريعن موجب اختيارين ڌماڪي جي نوعيت بابت حتمي راءِ ناهي ڏني پر ان باوجود به جاچ ڪئي پئي وڃي.

Check Also

ٽرمپ پاران ايراني هم منصب سان ملاقات لاءِ تهران تي لڳل پابنديون گهٽ ڪرڻ تي غور

واشنگٽن: (خميس 12 سيپٽمبر2019ع) آمريڪي ٽي وي دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا جي صدر ڊونلڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے