منگل , دسمبر 3 2019
Home / اہم خبرون / توديرو رپورٽ صوفي ديوان

توديرو رپورٽ صوفي ديوان

دعا منگي کي بازياب ڪرايو، رتوديرو ۾ سول سوسائٽي پاران احتجاج ڪيو ويو،
همت علي جلباڻي، ڊاڪٽر امداد حسين عباسي، طارق حسين گهانگهرو جي اڳواڻي ۾ عوامي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعري ڪئي وئي،

رپورٽ موجب سنڌ جي راجڌاني واري شهر ڪراچي ۾ 4 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل سنڌ جي نياڻي دعا منگي جي بازيابي لاء سول سوسائٽي پاران همت علي جلباڻي، ڊاڪٽر امداد حسين عباسي، طارق عزيز گهانگهرو، محمد مٺل شيخ، سڪندر چنو، اويس جلباڻي، آصف علي لاشاري، نور احمد ٻپڙ، بهادر گهانگهرو، فهيم جلباڻي، اقبال جيهو، انيل چنو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عوامي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪري دعا منگي کي بازياب ڪرايو، سنڌين سان انصاف ڪيو نعري بازي ڪئي، ان موقعي تي مٿين اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جي سنڌ جي راجڌاني واري شهر ڪراچي ۾ سنڌي ماڻهن جو قتل عام ۽ جبري گمشدگيون پاڪستان جي آئين ۽ قانون مٿان سواليا نشان آهي، سنڌ جي حقن خاطر پاڻ پتوڙيندڙ ڪالم نويس ليکڪ اديب اعجاز منگي جي ڀاڻيجي دعا منگي جي اغوا واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي نياڻين سان زيادتيون ۽ ظلم ٿيندا اچن ٿا يونيورسٽي جي نالائلا رند کان وٺي نمرتا چنداڻي، زارا منگي، دعا منگي هڪ ئي سلسلي جي ڪڙي آھن، هڪ سازش تحت سنڌ جي نياڻين تعليم ۽ شعور کان پري رکڻ لاء هربا هلايا پيا وڃن، جن جي اسين سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، اسين وزير اعليٰ سنڌ ۽ آء جي سنڌ کان مطالبو ٿا ڪريون ته سنڌ جي نياڻين سان ٿيندڙ ظلم جو نوٽيس وٺي سڀني نياڻين سان انصاف ڪيو وڃي  دعا منگي کي فوري بازياب ڪرائي جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي جيئن اڳتي سنڌ ۾ اهڙي قسم جو اڻوڻندڙ واقعو پيش نه اچي،

Check Also

ڪراچي مان اغوا ٿي ويل دعا منگي ڪيس جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي

ڪراچي: (اڱارو 03 ڊسمبر 2019ع) ڪراچي جي علائقي ڊفينس مان قانون جي شاگردياڻي دعا منگي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے