بدھ , دسمبر 4 2019
Home / خبرون / اڳوڻي صدر آصف علي زداري کي جيل ۾ ملندڙ سهوليتن جي تفصيلي رپورٽ طلب

اڳوڻي صدر آصف علي زداري کي جيل ۾ ملندڙ سهوليتن جي تفصيلي رپورٽ طلب

اسلام آباد: (اڱارو03 سيپٽمبر 2019ع) اڳوڻي صدر کي جيل ۾ مناسب سهوليتون نه ملڻ تي احتساب عدالت آصف زرداري کي جيل ۾ ملندڙ سهوليتن جي تفصيلي رپورٽ سڀاڻي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

تفصيل موجب اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي جيل ۾ بهتر سهوليتون نه ڏيڻ تي توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي احتساب عدالت ۾ ٿي جنهن ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو وڪيل لطيف کوسو عدالت آڏو  پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران لطيف کوسي عدالت کي ٻڌايو ته آصف علي زرداري کي 1999 ۾ به سهوليتون ڏنيون ويون هيون ان وقت هو سينيٽر هو، جنهن تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته ان وقت به سهولتون پنهنجي خرچ تي حاصل ڪيون ويون هيون.؟ جنهن تي لطيف کوسي جواب ڏنو ته نه. ان وقت سهوليتون حڪومتن طرفان مهيا ڪيون ويون هيون. عدالتي حڪم ۾ اي سي جو واضح ناهي لکيو ويو پر اي سي تي پابندي به ناهي.  اصف زرداري دل جي مرض ۾ مبتلا آهي مسئلا وڌي سگهن ٿا.

لطيف کوسي عدالت کي درخواست  ڪئي ته اڳوڻي صدر سان گڏ هڪ اٽينڊنٽ رکڻ جي اجازت ڏني وڃي. ان کي خبر آهي ته ڪهڙي دوا ڪهڙي وقت کارائڻي آهي. جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جيل ۾ اٽينڊنٽ موجود آهي جيڪو ان جي بهتر تيمارداري ڪري سگهي ٿو. اي سي واري سهوليت  عدالتي حڪم ۾ ئي ناهي. جنهن کان پوءِ عدالت آصف  زرداري کي ملندڙ سهوليتون فراهم ڪرڻ جي مڪمل تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي درخواست تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Check Also

دادو قتل ڪيس: عدالت قبرڪشائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو

دادو: (اڱارو 03 ڊسمبر 2019ع)عدالت دادو ۾ مبينه طور تي غيرت جي نالي تي سنگسار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے