منگل , دسمبر 3 2019
Home / عالمي / ايران پاران آمريڪي دٻاءُ جي باوجود پاڙيسري ملڪن کي تيل وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف

ايران پاران آمريڪي دٻاءُ جي باوجود پاڙيسري ملڪن کي تيل وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف

تهران: (اڱارو 03 ڊسمبر 2019ع) نائب صدر اسحاق  جهانگيري دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا جي دٻاءُ  ۽ پابندين جي باوجود پاڙيسري ملڪ ايران کان تيل خريد ڪري رهيا آهن ۽ اسان کي عالمي اقتصادي پابندين سان ڪوبه خاص نقصان ناهي ٿيو.

ايران جي سرڪاري ٽيليويزن موجب نائب صدر اسحاق جهانگيري پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ايران جي خلاف آمريڪا خاص طور تي صد ٽرمپ جي حڪومت واري دور ۾ لاڳو ڪيل تيل جي وڪرو تي پابندي جي باوجود ايران جي معاشي صورتحال هاڻ  ڪنٽرول ۾ آهي ڇو ته  پاڙيسري ملڪ آمريڪي دٻاءُ جي باوجود اسان کان تيل خريد ڪري رهيا آهن.

نائب صدر اسحاق جهانگيري انڪشاف ڪيو آهي ته ايران تيل جي وڪرو لاءِ ٻين ذريعن جو استعمال ڪري رهيو آهي ۽ اهو  سلسلو اڄ به جاري آهي. ڪجهه ملڪ اڃان به آمريڪي خوف ۽ دٻاءُ جي ڪري اسان کان تيل خريد  ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. پر ان باوجود به اسان پنهنجو مقرر حدف حاصل ڪري رهيا آهيون. ياد رهي ته آمريڪا عالمي  جوهري معاهدي تان هٿ کڻڻ کان پوءِ ايران تي سخت اقتصادي پابنديون لاڳو ڪيون هيون جنهن کان پوءِ ايران کان تيل خريد  ڪندڙ ملڪن کي به خبردار ڪيو ويو هو ته جيڪڏهن هو آمريڪي  واپاري پابندين کان بچڻ چاهين ٿا ته هو ايران کان تيل خريد ڪرڻ بند ڪن.

آمريڪا طرفان ايراني تيل خريد ڪندڙ ملڪن کي ڌمڪين ۽ دٻاءُ  کان پوءِ به ايران جي معاشي صورتحال  ٻڏتر جو شڪار ٿي وئي هئي جنهن کي قابو ۾ رکڻ لاءِ ايراني صدر تيل ۽ گيس جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو هو جنهن  سبب ايران ۾ پرتشدد مظاهرا شروع ٿي ويا آهن.

Check Also

پاڪستان اسان کان ڪابه جنگ نٿو کٽي سگهي: ڀارتي بچاءُ واري وزير جون ڌمڪيون

نئين دهلي: (ڇنڇر 30 نومبر 2019ع) ڀارتي بچاءُ واري وزير راج ناٿ سنگهه هڪ دفعو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے