بدھ , دسمبر 4 2019
Home / شوبز / اداڪار ۽ ڳائڻي محسن عباس جي زال فاطمه طرفان فيملي ڪورٽ ۾ طلاق جي دعويٰ داخل

اداڪار ۽ ڳائڻي محسن عباس جي زال فاطمه طرفان فيملي ڪورٽ ۾ طلاق جي دعويٰ داخل

لاهور: (اڱارو03 سيپٽمبر 2019ع) مشهور اداڪار ۽ ڳائڻي محسن عباس جي زال فاطمه سهيل فيملي ڪورٽ ۾ طلاق جي دعويٰ داخل ڪري ڇڏي آهي.

فاطمه سهيل بيرسٽر اهتشام اميرالدين جي معرفت طلاق جي دعويٰ داخل ڪئي. اهتشام اميرالدين محسن عباس جي زال جو رشتي ۾ ڀيڻيوو به آهي. فاطمه سهيل پنهنجي مڙس مٿان تشدد ۽ ڌمڪين جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي هئي.

ياد رهي ته گذريل هفتي محسن عباس ۽ سندس زال وچ ۾ تڪرار بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران پوليس جاچ رپورٽ پيش ڪئي هئي جنهن ۾ اداڪار کي قصور وار قرار ڏنو ويو هو. جاچ آفيسر جي رپورٽ سبب محسن عباس جي وڪيل ضمانت واري درخواست واپس وٺي ڇڏي هئي.

جاچ آفيسر جو چوڻ هو ته اداڪار جي خلاف ڊفينس ٿاڻي سي تي ان جي زال فاطمه جي درخواست تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو. جاچ آفيسر موجب محسن عباس تي امانت ۾ خيانت ۽ پنهنجي زال فاطمه کي سخت نتيجا ڀوڳڻ جي ڌمڪين بابت ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

Check Also

فنڪارن پاران وزيراعظم کان ريحان کي قتل ڪندڙ جوابدارن کي سزا ڏيارڻ جو مطالبو

ڪراچي: (اربع 21 آگسٽ 2019ع) شوبز انڊسٽري سان تعلق رکندڙ فنڪارن وزيراعظم کان درخواست ڪئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے