منگل , دسمبر 3 2019
Home / خبرون / آمريڪا ۾ روزاني هڪ ڊاڪٽر پاران خودڪشي جو انڪشاف

آمريڪا ۾ روزاني هڪ ڊاڪٽر پاران خودڪشي جو انڪشاف

واشنگٽن: (اڱارو 03 ڊسمبر 2019ع)  آمريڪي ويب سائٽ جي رپورٽ ۾ آمريڪا ۾ روزاني هڪ ڊاڪٽر جي خودڪشي جو انڪشاف ٿيو آهي.

آمريڪي خبرن جي ويب سائٽ(دي بل) پنهنجي خاص رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا ۾ ڪيل تازي سروي مان خبر پئي آهي ته عام ماڻهن ۽ ٻين پيشن جي مقابلي ۾ ڊاڪٽرن ۾ خودڪشي جو ريشو سڀني کان وڌيڪ آهي. ان جو مڃڻ آهي ته معالج يا ڊاڪٽر جي مقابلي ۾ ڪنهن به ٻئي پيشي سان جڙيل ماڻهو پنهنجي روزاني جي زندگي مان ايترا تنگ ناهن جو هو خودڪشي جهڙو انتهائي قدم کڻن.

رپورٽ موجب ڊاڪٽرن ۾ خودڪشي ڪرڻ جا واقا سڀني کان وڌيڪ آهن ۽ اهو خطرو تربيت ۽ عمل جي دوران هميشه رهندو آهي. واضح رهي ته معالج جي خودڪشي ڪرڻ سان 135 ماڻهو متاثر ٿيندا آهن. ڪيترائي ڀيرا تحقيق ڪرڻ کان پوءِ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته هڪ لک ڊاڪٽرن مان 28 کان 40 ڊاڪٽر خودڪشي ڪندا آهن جڏهن ته عام ماڻهن ۾ اها شرح هڪ لک آبادي ۾ صرف 12 آهي.

تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته ڊاڪٽرن ۾ خودڪشي جو وڏو سبب  ذهني دٻاءُ ۽ ڪم ڪرڻ جي وقت دوران سخت ٽائيمنگ آهي جنهن سبب هو اڪثر  دٻاءُ مان نڪرڻ لاءِ تفريح به نه ڪري سگهندا آهن. ميڊيڪل جي شعبي ۾ ڊپريشن جي شرح مردن ۾ 12 سيڪڙو ۽ عورتن ۾ ساڍا 19 سيڪڙو آهي.

هڪ مطالعي موجب 23 سيڪڙو ميڊيڪل جي شاگردياڻين ۾ خودڪشي جو خيال ملندو آهي. هلندڙ سال برطانوي خبرون ڏيندڙ اداري رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته عام ماڻهو جي نسبت ڊاڪٽرن ۾ فوتگي جو سڀني کان وڏو سبب خودڪشي آهي عام ماڻهو جي نسبت 30 سيڪڙو مرد ڊاڪٽر خودڪشي سان پنهنجي زندگي جو انت آڻيندا آهن.

Check Also

چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد: (اڱارو 03 ڊسمبر 2019ع) چيف اليڪشن ڪمشنر ۽  ميمبرن جي مقرري  جي معاملي  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے